انيس فاطمه سومرو ڊاڪٽر

انيس فاطمه سومرو، ڊاڪٽر: شاهه لطيف جي پارکوءَ ڊاڪٽر انيس فاطمه سومرو جو تعلق ڪراچيءَ جي قديم وسندي ’لياريءَ‘ جي هڪ سڄاڻ خاندان سان هو، جنهن ۾ نياڻين جي تعليم جو آڳاٽو رواج هو. انيس فاطمه جي فائنل پاس ناني لياريءَ جي اسڪول ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ استاد رهي هئي، اهڙِيءَ طرح انيس فاطمه به ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ڪيترو وقت ليڪچرر ۽ اسسٽنٽ پروفيسر طور ذميواريون انجام ڏنيون.
ڊاڪٽر انيس فاطمه سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور ۾ سنڌ جون مذهبي ۽ علمي حالتون“ جي موضوع تي، ڊاڪٽر اياز قادري جي نگرانيءَ ۾ مقالي لکڻ جي شروعات ڪئي. ڪجهه عرصي بعد جڏهن ڊاڪٽر اياز قادري وفات ڪئي ته هن ڊاڪٽر فهميده حسين جي نگرانيءَ ۾ پنهنجو تحقيقي مقالو مڪمل ڪري پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. انيس فاطمه هيءَ تحقيقي ڪم پُڄاڻيءَ تي پهچايو ئي مس، جو کيس ڪينسر جھڙو موذي مرض وڪوڙي ويو، ۽ هوءَ ڪيترو وقت انهيءَ بيماريءَ سان جهيڙيندي رهي. جڏهن سندس ڪتاب جو مهورت پئي ٿيو، تڏهن به هوءَ انهي بيماريءَ جي حالت ۾ شريڪ ٿي هئي، پر پوءِ سُتت ئي 2007ع ۾ هن وفات ڪئي. سندس تحقيقي مقالو شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو